ٻارن جي ماءُ جي عزت ڪندا ته ٻار توهان جي عزت ڪندا: احسن خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪار احسن خان هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ شرڪئي ڪئي جتي هن ماءُ سان سٺي ورتاءُ کي ٻارن جي محبت حاصل ڪرڻ جو طريقو قرار ڏنو آهي.

اداڪار ٻارن جي ماءُ سان محبت بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اسان ننڍپڻ ۾ ماءُ جو ساٿ وڌيڪ ڏيندا هئاسين ۽ کيس ڄاڻ آهي ته سڀ ٻار ماءُ جو ساٿ وڌيڪ ڏيندا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته ٻارن جي ساٿ سان ماءُ وڌيڪ محفوظ محسوس ڪندي آهي ته اولاد هن سان گڏ آهي.

احسن خان چيو هو ته مرد کي ڳالهائڻ وقت ٿورو سوچڻ گهرجي، هن اهو سکيو آهي ته جيئن اسان چاهيون ٿا ته ٻارن کي اسان سان محبت هجي ته اسان انهن جي ماءُ جي عزت ڪيون جنهن سان ٻارن کي قدرتي اسان سان محبت ٿي ويندي.

اداڪار وڌيڪ چيو ته جيئن توهان ٻارن جي ماءُ جي عزت نه ڪندا ته ٻار ڪڏهن به توهان جي عزت نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.