واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چيو آهي ته غزه ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم يقيني بڻايا وڃن.
آمريڪي ميڊي موجب، صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.
آامريڪي صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل کي درپيش خطرن تي آمريڪا ان سان گڏ آهي، غزه ۾ مجموعي انساني صورتحال ناقابل قبول آهي.
ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيلي پاليسي ۾ تبديلي نه آئي ته آمريڪي پاليسي تبديل ٿي سگھي ٿي.
هن چيو ته امدادي ڪارڪنن تي حملو پهريون واقعو ناهي پر هي آخري واقعو ٿي سگھي ٿو.
آمريڪي پرڏيهي وزير موجب، غزه جي 100 سيڪڙو آبادي کي امداد جي ضرورت آهي، امدادي ڪارڪن جانين تي کيڏي امداد پهچائي رهيا آهن، غزه ۾ امداد جي اجازت ڏيڻ باوجود زميني صورتحال بهتر ناهي.
”غزا ۾ شهرين کي تحفظ ڏيو يا آمريڪي مدد کان محروم ٿي وڃو“ بائيڊن جو نيتن ياهو کي الٽيميٽم
You might also like