گڏيل عرب امارات اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب امارات غزه ۾ 7 امدادي ڪارڪنن جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي اسرائيل سان سمورا سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات غزه ۾ 7 امدادي ڪارڪنن جي مارجڻ بعد اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اماراتي پرڏيهي وزارت واقعي تي اسرائيلي سفير امير هائيڪ کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري واقعي تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
اماراتي سفير محمد الخواجه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جو مارجڻ ڪارو ڏينهن آهي.
ٻئي پاسي گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف ٿي ويا آهن…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.