اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي چيئرمين سينيٽ جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
چيئرمين پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ طرفان يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني چيئرمين سينيٽ جي لاءِ پيپلزپارٽي جو اميدوار هوندو.
پيپلزپارٽي پنهنجي اميدوار جي حمايت لاءِ ٻين پارلياماني جماعتن سان به رابطا ڪندي.
You might also like