ميٽا فيس بوڪ ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي

ميٽا هڪ ڀيرو وري فيسبڪ ۾ اهڙي تبديلي متعارف ڪرائي آهي جيڪا ٽِڪ ٽاڪ مان متاثر آهي.
دنيا جي مشهور ترين سوشل ميڊيا نيٽورڪ ۾ نئين وڊيو پليئر کي متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ هر قسم جي فارميٽس ۽ سائز جي وڊيوز کي هڪ ڪيو ويو آهي.
يعني طويل وڊيوز، لائيو وڊيوز يا ريلز( مختصر وڊيوز ) هاڻي هڪ ئي وڊيو پليئر ۾ ڏسي سگهبيون.
اپ ڊيٽ وڊيو پليئر ۾ لينڊ اسڪيپ وڊيوز به ٽِڪ ٽاڪ جهڙي فل اسڪرين موڊ تي اوپن ٿينديون جڏهن ته طويل وڊيوز ۾ سيلائيڊر شامل هوندو.
فيسبڪ جو نئون وڊيو پليئر ٽِڪ ٽاڪ سان گهڻي هڪجهڙائي رکندڙ آهي.
ٽِڪ ٽاڪ ۾ به فاريو پئج تي اسڪرول ڪرڻ دوران لائيو، ڊگهي ۽ مختصر وڊيوز کي اهڙي ريت وڊيو پليئر ۾ ڏيکاريو ويندو آهي.
ميٽا طرفان نئون فيچر سڀ کان پهرين آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو ۽ ايندڙ مهينن دوران اِهو فيچر سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.