ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏوهاري ايڏا بي خوف ٿي ويا جو هاڻ پوليس وارا به محفوظ نه رهيا.
شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ ڀرسان پوليس اهلڪار کان وائرليس سيٽ کسيو ويو، واقعي جو ڪيس ڪانسٽيبل الطاف حسين جي فرياد تي ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر جي متن موجب موٽر سائيڪل تي سوار ٻن جوابدار اسٽار گيٽ کان ون وي اچي رهيا هئا، فلاءِ اوور تي موجود ٽريفڪ اهلڪار کين روڪيو، جوابدارن موٽر سائيڪل واپس موڙي ۽ بيهاريندڙ اهلڪار کان وائرليس سيٽ کسي فرار ٿي ويا.
Next Post
You might also like