هنگامي حالتن ۾ ميسج جي سهولت، اينڊرائيڊ واهپيدارن وڏي خبر اچي وئي

ايپل جي آءِ فون 14 سيريز ۾ 2022ع ۾ سيٽلائيٽ ذريعي ايمرجنسي ايس او ايس پيغام موڪلڻ وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو جنهن هنيئر تائين ڪيئي زندگيون پڻ بچايون آهن.
اپيل بعد اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ به ڪوششون ته ٿيون پر اڃا تائين اِها سهولت واهپيدارن کي دستياب نه آهي.
پر مستقبل ۾ اينڊرائيڊ سمارٽ فونز واهپيدار به اهڙي سروس استعمال ڪري سگهندا.
حقيقت ۾ ايندرائيڊ فونز لاءِ ايپل کان وڌيڪ بهتر سيٽلائيٽ ميسجنگ فيچر متعارف ڪرايو ويندو.
ياد رهي سيٽلائيٽ سروس ذريعي آءِ فون استعمال ڪندڙ واهپيدارن اهڙن هنڌن تان ايمرجنسي پيغام موڪلي سگهن ٿا جتي موبائيل يا واءِ فاءِ سگنلز موجود ناهن هوندا.
نائين ٽو فائيو گوگل جي رپورٽ موجب، نئين اينڊرائيڊ 15 آپريٽنگ سسٽم ۾ سيٽلائيٽ ميسجنگ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.
هي اينڊرائيڊ سسٽم هلندڙ سال جي چوٿين ٽه ماهي دوران باظابطا طور متعارف ڪرايو ويندو، پر ان جو بيٽا ورجن هن وقت ڊيولپرز کي دستياب آهي.
بيٽا ورجن ۾ سيٽلائيٽ ميسجنگ فيچر جي موجودگي ۽ ان جي ڪم ڪرن جي طريقيڪار جو اشارو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينڊرائيڊ فونز لاءِ سيٽلائيٽ ميسجنگ وارو فيچر آءِ فونز کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪندو.
آءِ فونز ۾ اِهو فيچر رڳو هنگامي حالتن ۾ امدادي پيغام موڪلڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر اينڊرائيڊ واهپيدار هن فيچر ذريعي ايمرجنسي سروسز سميت ڪنهن به پيغام موڪلي سگهن ٿا.
ها پر سيٽلائيٽ ميسجز کي پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو جڏهن ته تصويرون يا وڊيوز موڪلڻ ممڪن نه هوندو.
گوگل طرفان باظابطا طور اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ۾ سيٽلائيٽ ميسجنگ سپورٽ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
پر مئي 2024ع ۾ گوگل جي سالياني ڪانفرنس جي موقعي تي فيچر اينڊرائيڊ 15 جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.