اعظم کان وڏا ڇڪا ڪيئن هڻندو آهي؟ شاداب خان ٻڌائي ڇڏيو

ايبٽ آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪاڪول ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ڪئمپ ۾ رانديگرن ۾ رساڪشي جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان نگاهن جو مرڪز رهيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ڪئمپ ڪاڪول ۾ جاري آهي جتي رانديگرن ٻن سيشنز ۾ فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ ڊرلز ۾ حصو ورتو، ان دوران قومي ڪرڪيٽرن ۾ ٽگ آف وار ( رسا ڪشي ) جو مقابلو ٿيو.
ان مقابلي جي وڊيو شاداب خان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Shadab Khan (@shadab0800)


ان کانسواءِ ٻين اڪائونٽن تان به مقابلي جون دلچسپ وڊيو شيئر ڪيون ويون، اعظم خان ڪپتان بابر اعظم جي ٽيم ۾ شامل هو، جڏهن ته عثمان خان، عباس آفريدي، محمد نواز ۽ سلمان علي آغا ان جو ٽيم جو حصو هئا.
اعظم خان رسو کي پيٽ سان ٻڌو ۽ وڏو زور لڳايو، وڊيو جي ڪيپشن ۾ شاداب خان اعظم خان جي طاقت جي واکاڻ ڪندي لکيو ته ڪنگ آف اسٽرينٿ، تڏهن ته وڏا ڇڪا هڻندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.