حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو.
حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو ڇهون امير چونڊيو آهي، هو 2029 تائين ان عهدي تي رهندو.
ذريعن موجب نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي 35 سيڪڙو کان وڌيڪ ميمبرن ووٽ وڌو، حافظ نعيم الرحمان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي امير چونڊجي ويو.
واضح رهي ته نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي چونڊ ڪميشن ميمبرن جي رهنمائي لاءِ ٽن نالن جو اعلان ڪيو هو، جن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم شامل هئا.
جماعت اسلامي جي ترجمان موجب دستور موجب هر سطح تي باقاعدگي سان چونڊون ٿينديون آهن، جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جي چونڊ هر 5 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي، سراج الحق پنهنجو مدو 8 اپريل تي پورو ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.