دنيا جو پيرسن شخص، 114 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

دنيا جو پيرسن شخص 114 جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزويلا سان تعلق رکندڙ جوآن ويسنٽ پيريز مورا نالي شخص دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو پيرسن قرار ڏنو ويو هو.

ميڊيا رپورٽس موجب 2022 ۾ گنيز ورلڊ رڪارڊز پاران جوآن کي سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو هو ان وقت سندس عمر 112 سال ۽ 253 ڏينهن هئي.

رپورٽس موجب جوآن 11 ٻارن جو پيءُ هو ۽ سندس 41 پوٽا پوٽيون جڏهن ته 18 پر پوٽا پر پوٽيون هيون جن جا پڻ 12 ٻار هئا.

جوآن هاري هو ۽ هن 5 سالن کان پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو جڏهن ته 10 ڀيڻ ڀائرن ۾ سندس نائون نمبر هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.