دنيا جي ننڍي عمر واري ارب پتي ڇوڪري

دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ ارب پتي ٿيڻ واري شخصيت هڪ اهڙي ناري آهي جيڪا اڃا ڪاليج ۾ داخل آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب برازيل سان تعلق رکندڙ 19 سالن جي ليويا ويگوٽ دنيا جي ننڍي عمر جي ارب پتي آهي.

دنيا جي گهٽ عمر ۾ ارب پتي ٿيڻ ۾ ليويا ويگوٽ جو ڪوئي ڪمال ناهي، اهو اعزاز کيس خاندان جي ورثي مان مليل دولت مان حاصل ٿيو آهي.

ڪاليج ۾ پڙهندڙ ليويا ويگوٽ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز(3 کرب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) دولت جي مالڪياڻي آهي. ايتري دولت لاءِ ناري کي پنهنجي مرحوم ڏاڏي جو ٿورو مڃڻ کپي جنهن برقي شين ٺاهڻ واري ڪمپني WEG ۾ ليويا ويگوٽ جو ڪجهه حصو رکيو آهي.ليوويا ويگوٽ ۽ سندس ڀيڻ 26 سالن جي ڊورا ويگوٽ 3،3 سيڪڙو وراثت جي حصي جون مالڪ آهن.

اها ڪمپني 135 کان وڌيڪ ملڪن ۾ شيون برآمد ڪندي آهي پر ٻنهي ڀينرن جو ان کي هلائڻ ۾ ڪوبه ڪردار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.