”ڊي ڊي ايل جي ۾ راج جو ڪردار ٽام ڪروز لاءِ لکيو ويو” هدايتڪار جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار آديتيا چوپڙا پهريون هالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز کي فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ ۾ مرڪزي ڪردار ”راج ملهوترا“ لاءِ ڪاسٽ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هدايتڪار آديتيا چوپڙا فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ جو ڪردار ”راج ملهوترا“ ٽام ڪروز کي ذهن ۾ رکي لکيو هو. ان فلم کي ٻين فلمن کان مختلف ٺاهڻ لاءِ رٿا ڪئي وئي ته فلم جي هيروئن ڏيهي جڏهن ته هيرو پرڏيهي ڏيکاريو ويندو جنهن لاءِ آديتيا جي ذهن ۾ آمريڪي هيرو ٽام ڪروز هو. ڊائرڪٽر ان فلم ۾ ٽام ڪروز کي ڪاسٽ ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي رکي پيو پر هالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز ان وقت مهانگو اگهه ٻڌايو جيڪو پروڊڪشن هائوس لاءِ ادا ڪرڻ ممڪن نه هو.

ڀارتي ميڊيا موجب آديتيا چوپڙا جي پيءُ مشهور ڊائريڪٽر يش چوپڙا ئي پٽ کي صلاح ڏني ته مرڪزي ڪردار کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ هندستاني خاندان ڪرڻ کپي ۽ اهڙيءَ ريت ڪهاڻي کي مٽايو ويو.

ان ئي سلسلي ۾ بلاڪ بسٽر فلم شاهه رخ خان جي حصي ۾ اچي وئي.

واضح رهي ته 1995 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ يش راج فلمز ۽ بالي ووڊ جي ڪامياب ترين فلمن مان هڪ آهي. نه رڳو فلم پر شاهه رخ ۽ ڪاجول جي جوڙي به هن وقت تائين بالي ووڊ جي هٽ جوڙين مان هڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.