عمران خان جي جيل سيڪيورٽي جي ماهوار خرچن بابت عدالت کي آگاهي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايڊووڪيٽ جنرل پي ٽي آءِ باني عمران خان جي جيل ۾ سيڪيورٽي بابت عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ان حوالي سان بريف ڪيو.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان لاءِ اڊيالا جيل ۾ ست سيل مختص آهن، هڪ سيل ۾ کيس رکيو ويو آهي، جڏهن ڀرپاسي وارا به 6 ئي سيل سندس لاءِ مختص آهن.
ايڊووڪيٽ جنرل موجب، جيل ۾ ڏهن جوابدارن لاءِ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار هوندو آهي، پي ٽي آءِ باني لاءِ 14 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهن ۽ جنهن خاص رڌڻي ۾ پي ٽي آءِ باني لاءِ کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، ان ۾ ڪنهن ٻئي لاءِ ڪجهه ناهي ٺهندو.
ايڊووڪيٽ جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته عمران خان جي جيل ۾ ماهوار سيڪيورٽي تي 12 لک رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني لاءِ سي سي ٽي وي ڪئمرائون به لڳرايون آهن جنهن تي پنج لک رپيا خرچ آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.