گوگل انڪوگنيٽو وارو محفوظ ٿيل ڊيٽا ڊيليٽ ڪرڻ لاءِ تيار

گوگل هڪ ڪيس ۾ ان ڳالهه تي راضي ٿيو آهي ته انهن واهيپدارن جي ڊيٽا ڊيليٽ ڪندو جيڪي ڪروم برائوزر کي انڪوگينٽو موڊ استعمال ڪندڙن جو گڏ ڪيو هو.

واضح رهي ته مختلف ماڻهو گوگل ڪروم ويب برائوزر تي انڪوگنيٽو موڊ کي اهو سمجهي استعمال ڪندا آهن ته انهن جي ڊيٽا تائين ڪنهن جي پهچ نه هوندي. پر اهو درست ناهي ڇاڪاڻ ته انگونيٽو موڊ استعمال ڪرڻ تي برائوزر هسٽري، بڪ مارڪس امپورٽ يا ڪنهن به آن لائن اڪائونٽ جي لاگ ان تفصيلن کي رڪارڊ(ڪوڪيز) ناهي ڪندو پر ان سان سڃاڻپ ناهي لڪندي ڇاڪاڻ ته انهن ويب سائيٽس ۾ ڊيٽا محفوظ ٿي ويندو آهي جيڪا سرچ ڪئي ويندي آهي.

رپورٽ موجب ويبسائيٽس ته ٻي ڳالهه آهي پر آفس نيٽ ورڪ تي به اهي سرگرميون انڪوگنيٽو موڊ ۾ ناهن لڪنديون. اهو ئي ڪارڻ آهي ته گوگل تي عدالت ۾ ڪيس هليو جنهن ۾ انڪوگنيٽو موڊ ۾ ڪمپني پاران واهپيدارن جي ڊيٽا ٽريڪ ڪرڻ واري ڳالهه ٿي. جنهن تي ڪمپني کي چيو ويو ته اها سموري ڊيٽا ڏني وڃي جيڪي شيون واهيپدارن جون محفوظ ڪيون وينديون آهن.  اهڙي ريت انڪوگنيٽو موڊ واهپيدارن لاءِ 5 سالن تائين ٿرڊ پارٽي ڪوڪيز باءِ ڊيفالٽ بلاڪ ٿيندو.

واضح رهي ته ان جي ڄاڻ ناهي ته گوگل پاران ڊيليٽ ٿيندڙ مواد ڪيترو اثرائتو هوندو  ڇاڪاڻ ته ڪيس ۾ 2016 تائين جي مواد جي ڳالهه ٿيل آهي جڏهن ته ايترو پراڻو ڊيٽا امڪاني طور تي ٿرڊ پارٽيز وٽ محفوظ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.