مغوي ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار مغوي ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي.
صوبائي گهرو کاتي موجب جي آءِ ٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ڪندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو ۽ ٻه ڊي ايس پيز شامل آهن.
گهرو کاتي طرفان چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ ڊي ايس پيز جي نامزدگي آءِ جي سنڌ غلام ميمڻ طرفان ڪئي وئي آهي.
صوبائي گهرو کاتي جي آءِ ٽي کي 3 هفتن ۾ رپورٽ موڪلڻ جا حڪم ڏنا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.