سدائين ڏُکيا ڪيچ پڪڙيندڙ فيلڊرن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هوندي آهي؟ ماهرن پتو لڳائي ورتو

ڪرڪيٽ ميچ دوران مخصوص ماڻهن طرفان ڏکيا ڪئچ پڪڙڻ يا ٽينس ميچ دوران دنگ ڪري ڇڏيندڙ طريقي سان اسٽروڪ کيڏڻ امڪان وڌيڪ هوندو آهي
جنهن جو هڪ ڪارڻ اِهو به آهي ته اِهي ماڻهو متحرڪ شين کي ٻين جي ڀيٽ ۾ مختلف رفتار ۽ انداز سان پرکيندا آهن.
تازو ئي آئرلينڊ جي ٽرينٽي ڪاليج جي تحقيق ۾ اِها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته متحرڪ شين جي رفتار بابت هر ماڻهو جو اندازو مختلف هوندو آهي يعني ڪجهه ماڻهن منجهه في سيڪنڊ جي حساب سان ٻين کان وڌيڪ ” ڏسڻ “ جي صلاحيت هوندي آهي.
تحقيقي مئگزين پلس ون ۾ شايع ٿيل تحقيق دوران ماهرن جي ٽيم فليڪزز ٽيسٽ جو استعمال ڪيو، فليڪرز ٽيسٽ دوران تيز رفتاري سان روشني آن ۽ آف ٿيندي رهندي آهي ۽ مخصوص وقت کانپوءِ لائيٽ کولي ويندي آهي.
ماهرن هن تحقيق ۾ شامل ماڻهن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي ڪهڙي وقت روشني چمڪو ڏئي بيهي وئي هئي.
ڪجهه ماڻهن في سيڪنڊ 35 چمڪا ڏٺا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي في سيڪنڊ 60 کان وڌيڪ چمڪا ڏسڻ ۾ ڪامياب رهيا.
نتيجن موجب، ڪجهه ماڻهن کي مخصوص راندين جيئن ڪرڪيٽ دوران ردعمل وقت سرسي حاصل هوندي آهي، اِهي ماڻهو في سيڪنڊ وڌيڪ تفصيل ڏسي رهيا هوندا آهن جنهن سبب سندن لاءِ ڏکيا ڪئچ پڪڙڻ سولو هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هو اڃا اِهو نٿا ڄاڻين ته اهڙي صلاحيت سان روز مره جي زندگي تي ڪهڙا اثر پون ٿا پر سندس جو خيال آهي ته مخصوص شعبن جيئن ڪرڪيٽ يا ٽينس ۾ ان ذريعي رانديگرن کي فائدو ٿيندو آهي، ڇو ته هو تيزيءَ سان حرڪت ڪندڙ بال کي وڌيڪ سولائي سان ٽريڪ ڪري وٺندا آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته اِها صلاحيت روز مره جي زندگي ۾ به ڪارائتي ثابت ٿيندي پر ان حوالي سان اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.