شاهين سميت سينيئر آرام ڪندا، نيوزيلينڊ خلاف روٽيشن پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ روٽيشن( مٽا سٽا) پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
روٽيشن پاليسي تحت فاسٽ بالر شاهين آفريدي سميت ڪجهه رانديگر سمورن ميچن ۾ شرڪت نه ڪندو، سليڪشن ڪميٽي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان ان بابت مشاورت ڪندي.
ٻئي پاسي آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ ۾ ڪرڪيٽرن جي مختلف مشقن جو سلسلو جاري آهي.
ان حوالي سان شاهين آفريديءَ جو چوڻ آهي ته ٽريننگ سٺي ٿي رهي آهي، سڀ انجواءِ ڪري رهيا آهن، فٽنس بهتري آئي آهي.
آل رائونڊر شاداب خان جو چوڻ آهي ته ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ اچي رهيو آهي، ڪئمپ کي فائدو ٿيندو.
ياد رهي ته هلندڙ مهيني نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان اچي رهي آهي، سيريز جي شروعات 18 اپريل کان ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.