ڏاج ۾ ٽويوٽا فارچيونر گاڏي نه آڻڻ تي ساهرن نُنهن کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر گريٽر نوائيڊا ۾ ڏاج ۾ ٽويوٽا فارچيونر نه ملڻ تي ساهرن نُنهن کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ساهرن هٿان قتل ڪيل ڪرشما جي ڀاءُ ديپڪ پوليس کي دانهيندي ٻڌايو ته ڪرشما ۽ وڪاس جي شادي 2022 ۾ ٿي هئي ۽ ڪرشما پنهنجي ساهرن سان گڏ ئي رهندي هئي.
هن ٻڌايو ته ڪرشما کي شادي وقت ڏاج ۾ 11 لک ماليت جي سون سميت ايس يو وي گاڏي ڏني وئي هئي پر وقت سان گڏ ڪرشما جي ساهرن طرفان ڏاج جي گهر وڌندي رهي، جنهن لاءِ هو ڪرشما کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا.
مقتولا جي ڀاءَ موجب تشدد ان وقت وڌي ويو، جڏهن ڪرشما کي ڌيءَ ڄائي ۽ ٻئي خاندان معاملا حل ڪرائڻ لاءِ پنچائت وٽ به ويا، جنهن تي ساهرن کي وڌيڪ 10 لک رپيا ڏنا ويا پر پوءِ به تشدد جاري رهيو.
ميڊيا رپورٽن موجب وڪاس جي خاندان تازو ڪرشما کان فارچيونر گاڏي ۽ 21 لک رپين جو نئون مطالبو ڪيو، جنهن تي ڪرشما گهر وارن کي فون ڪري ٻڌايو ته مڙس سميت ساهرا تشدد ڪري رهيا آهن ۽ ڀاءُ جي ساهرين وڃڻ تي خبر پئي ته ڪرشما تشدد سبب مري وئي آهي.
پوليس موجب وڪاس ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف ڪيس داخل ڪري وڪاس جي پيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.