ڪراچي ۾ رمضان دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جو انگ 11 ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي گاڏي تي واپس ويندڙ شهري ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
پوليس موجب امجد ۽ امان الله نالي شهري سائيٽ سپر هاءِ وي تي بئنڪ کان رقم ڪڍرائي نڪتا هئا، گلشن معمار اجمير گارڊن ڀرسان جوابدارن کين ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي سخت زخمي ٿي پيا.
ٻنهي زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي 40 ورهين جو امجد زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران مختلف واقعن ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 11 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ هلندڙ سال مارجي ويلن جو انگ 50 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.