ايران کان گئس وٺڻ اسان جو حق آهي، آمريڪا متبادل ٻڌائي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي، افغان حڪومت جي ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندڙ رويي سان اسان وٽ انهن لاءِ آپشن محدود ٿي رهيا آهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيستائين افغانستان ٽي ٽي پي جون پناهگاهون ۽ سهولتڪاري نه ڇڏيندو تيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو.
هن چيو ته چيني ورڪرن تي حملي جي جاچ جاري آهي ۽ ان ۾ چيني جاچ ٽيم به شامل آهي، جڏهن ته جاچ ۾ ڪجهه رهنمائي به ملي آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ايران کان گئس نه وٺڻ جو متبادل ٻڌائي، اسان عالمي مارڪيٽ مان مهانگي ايل پي جي خريد ڪندا آهيون ۽ جيڪڏهن ڪو پاڙيسري سٺي اگهه تي گئس ڏئي ٿو ته اها وٺڻ اسان جو حق آهي.
خواجا آصف چيو ته ڀارت سان لاڳاپن جو پنهنجو پس منظر آهي، اميد ته ڀارت ۾ چونڊن کانپوءِ شايد لاڳاپا بهتر ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.