” ڄاڻان ٿو ته جڏهن به ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو ذڪر ٿيندو آهي منهنجو نالو دنيا جي مختلف حصن ۾ راند جي مشهور لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر مان محسوس ڪيان ٿو ته مون ۾ اڃا به ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ باقي آهي“ .
اميد موجود ويرات ڪوهلي جي ان بيان سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو ۽ دنيا جي وڏن وڏن خابرون ادارن ان کي مختلف انداز ۽ سرخين سان پيش ڪيو، سبب ڪهڙو هو؟ سبب هو ته گذريل ڪيئي عرصي کان ويرات ڪوهلي ذاتي مصروفين سبب ڪرڪيٽ جي دنيا کان ڏور هو، ان دوران هو انگلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ به ڀارتي ٽيم جي نمائندگي نه ڪري سگهيو.
ڪجهه هفتا اڳ جڏهن بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ روهت شرما کي ڪپتاني جي ذميواري سونپي هئي، پر ان دوران هو ڪوهلي جي کيڏڻ وارو سوال ٽاري ويو هو.
ان کانپوءِ افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ويرات ڪوهلي جي هلندڙ سال جون ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊ مشڪل بڻجي وئي آهي.
اِهو ئي سبب هو جو ويرات ڪوهليءَ جي سڀ کان ويجهي سمجهي ويندڙ روي شاستري به پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايندڙ عالمي ڪپ ۾شهرت بدران نوجوان رانديگرن ۽ فارم کي اهميت ڏني وڃي.
ڪوهلي پنجاب ڪنگز خلاف 49 بالن تي 77 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته چنائي سپر ڪنگز خلاف 81 رنسون ٺاهي آءِ پي ايل اورينج ڪيپ ( ٽورنامنيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر ) پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
پهرين ميچ کانپوءِ ويرات ڪوهلي جڏهن هرشا ڀوگلي وٽ انٽرويوءَ لاءِ آيو ته اندازو هو ته هو هيڏي وڏي پليٽ فارم تي پنهنجو موقف ضرور رکندو، اهڙيون ڳالهيون ڪندو جيڪي تماشائين تائين نه پر بي سي سي آءِ سيليڪٽرن تائين پهچنديون.
ڪوهلي جي بيان کانپوءِ هاڻي بال چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر ۽ سندس ساٿين جي ڪورٽ ۾ آهي.
شايد ويرات ڪوهليءَ ڄاڻي ٿو ته هو هاڻي به ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ۽ ڪوچ راهول ڊريوڊ جي ورلڊ ڪپ پلان جو حصو آهي، پر سليڪٽر ڪجهه ٻڏتر جو شڪار آهن.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سال 2021ع ۽ 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست لاءِ ڀارتي ٽاپ آرڊر ( ورهت، ڪي ايل راهول، ڪوهلي ) کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
ٽئي ٽاپ آرڊر بيٽر هئڻ سان گڏوگڏ اٽڪل هڪ ئي انداز ۾بيٽنگ ڪرڻ پسند ڪندا آهن، پر ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران ڪپتان روهت شرما مڪمل طور جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ پنجاهه اوورن جي ڪرڪيٽ ۾ به ٽي ٽوئنٽي جي طرز تي کيڏڻ لڳو.
يشسوي جئسوال ڪي ايل راهول کان بهتر آپشن نظر اچي رهيو آهي، هاڻ سليڪٽرن جي سامهون سوال اِهو آهي ته ون ڊائون پوزيشن لاءِ ڪوهلي يا شُڀمَن گِل مان ڪنهن جي چونڊ ڪجي؟
ڇاڪاڻ ته مڊل آرڊر ۾ سوريا ڪمار ياديو، هاردِڪ پانڊيا، آل رائوندر رويندرا جاڙيجا جي جاءِ پڪي آهي، جيڪڏهن ڪوهلي يا گِل کيڏن ٿا ته رِنڪو سنگهه کي ڇهين نمبر تي ” فنشر “ طور استعمال نٿو ڪري سگهجي، اهڙي صورتحال ۾ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي گِل کي پليئنگ اليون کان ٻاهر رکي سگهجي ٿو پر ڪوهلي کي نه، ڪوهلي جو ٽيم ۾ برقرار رهڻ وارو سوال کي هتان شروع ٿئي ٿو.
ڪوهلي جا حامي ۽ روهت جا مخالف اِهو بحث ختم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته جيڪڏهن تجربيڪار رانديگر طور موجودا ڪپتان کي ميچ ونر سمجهيو پيو وڃي ته پوءِ اڳوڻي ڪپتان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟
ايوريج ۽ اسٽرائيڪ ريٽ جي حساب سان ڪوهليءَ جو مجموعي رڪارڊ روهت کان بهتر آهي، پر بي سي سي آءِ ۽ سليڪٽرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هاردِڪ پانڊيا ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران زخمي نه ٿئي ها ته ۽ روهت شرما اوچتو پنهنجي راند ۾ وڏي تبديلي نه آڻي ها ته هو به ڀارتي ٽيم ۾ نه هجي ها.
ڪرڪيٽ تجزيي نگارن موجب، مسئلو اِهو به آهي ته ٻنهي عظيم رانديگرن جي پليئنگ اليون ۾ هجڻ سان ٽيم جو توازن بگڙي وڃي ٿو.
ويرات ڪوهلي ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن روهت شرما ورلڊ ڪپ جو حصو آهي ته پوءِ ڪير به کيس ڪنهن به صورت ۾ ٽيم مان ڪڍي نٿو سگهي. ڇو ته تاريخ گواهه آهي ته سست اسٽرائيڪ ريٽ جي جڙتو ڳالهين باوجود پنهنجي مهارت ۽ تجربي سان هن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪنهن به رانديگرن کان وڌيڪ ميچ وننگ اننگز کيڏيون آهن.
ڇا ڪو به ڪرڪيٽ پرستار ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ ميلبورن ۾ پاڪستان خلاف سندس اِها تاريخي اننگز ڪير وساري سگهي ٿو؟ ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل ۾ هڪٻئي پٺيان شاندار اننگز کيڏي سليڪٽرن کي چليئنج ڪيو آهي.
جيئن ته ڪوهلي بئنگلور لاءِ اوپنر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي انڪري سليڪٽرَ کيس روهت سان گڏ اوپنر طور به ڏسي سگهن ٿا.
پر سليڪٽرن لاءِ مسئلو اِهو به آهي ته روهت ۽ ڪوهلي اوپننگ پارٽنر طور صرف ڪجهه ميچون ئي گڏ کيڏيا آهن، جيڪڏهن ڪوهلي ايندڙ هفتن ۾ پنهنجي اسٽرايڪ ريٽ ۾ بهتري آندي ته هو سليڪٽرن کي سوچڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.
سليڪٽرن وٽ هڪ جواز اِهو به آهي ته ڪوهلي جون رنسون ۽ آءِ پي ايل ۾ فارم هڪ اوپنر طور آهي جڏهن ته ڀارت لاءِ هو ون ڊي ڊائون پوزيشن تي کيڏي ٿو.
ڪوهلي جي چونڊ جو مسئلو حل ٿيڻ بدران هاڻ سليڪٽرن لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهي.
ويرات ڪوهلي جي مٿين بيان سليڪٽرن لاءِ ڏکيائيون ته پيدا ڪري ڇڏيون آهن، پر سوال اِهو آهي ته جيڪڏهن بي سي سي آءِ جي سربراهن سڌي ريت سليڪٽرن کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪوهلي جي جاءِ تي ڪنهن نوجوان رانديگر کي چونڊڻ جو پيغام ڏنو آهي ته پوءِ اگرڪر اِهو ڏکيو فيصلو ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو.
پر پوءِ ڪوچ راهول ڊريوڊ ۽ ڪپتان روهت شرما مداحن آڏو پنهنجو دفاع ڪئين ڪري سگهندا؟ ته ڪوهلي جي جاءِ واقعي پليئنگ اليون ۾ نه آهي.
معاملو ڏاڍو دلچسپ ٿي ويو آهي ۽ آءِ پي ايل جي ايندڙ هفتا ويرات ڪوهلي جي بيٽ لاءِ انتهائي اهم هوندا.
You might also like