بلغاريا ۽ رومانيا يورپ جي ويزا فري زون ۾ شامل

اوڀر يورپ جا ملڪ بلغاريا ۽ رومانيا 13 ورهين جي انتظار کانپوءِ ”شينگن ايريا“ ۾ شامل ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن جا شهري هاڻ بنا ڪنهن جاچ پڙتال جي آزاداڻي طور فضائي ۽ سامونڊي سفر ڪري سگهن ٿا.
پرڏيهي معاملن جي تجزئي نگار اسٽيفن پوپيسڪو موجب شينگن ۾ داخلا بلغاريا ۽ رومانيا لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.
يورپي يونين جي سربراه ارسولا وان ڊير ليين هڪ بيان ۾ چيو ته اها ٻنهي ملڪن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي ۽ شينگن ايريا لاءِ هڪ تاريخي لمحو آهي، جيڪو دنيا ۾ آزاداڻي چرپر جو سڀ کان وڏو علائقو آهي.
رومانيا جي حڪومت چيو ته شينگن قانون چئن سامونڊي بندرگاهن ۽ 17 هوائي اڏن تي لاڳو ٿيندا.
بلغاريا ۽ رومانيا هن سال جي آخر تائين شينگن ۾ مڪمل طور ضم ٿيڻ لاءِ پراميد آهن.
واضح رهي ته 1985 ۾ ٺاهيل شينگن ايريا 40 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي داخلي سرحدي ڪنٽرول بنا آزاداڻي طور سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.