بابر کي ڪپتاني ملڻ تي شاهين جو بيان سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته رانديگر جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي ته ڪپتان جي حمايت ڪيان، بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ کيڏيو آهيان، سندس احترام ڪيان ٿو.
بابر اعظم کي ڪپتاني ملڻ تي پنهنجي بيان ۾ شاهين آفريدي چيو ته مان ميدان جي اندر ۽ ٻاهر بابر اعظم جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، اسان سڀني جو مقصد پاڪستان کي دنيا جي بهترين ٽيم بڻائڻ آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندو، ان کان اڳ شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.