آفريدي جي گروپ بندي جون خبرون: ڪاڪول مان نئين وڊيو اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتاني جي گروپ بندي جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي ڪاڪول ٽريننگ اڪيڊمي ۾ اسنوڪر کيڏڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي.

مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ قومي ٽيم جو نئون ڪپتان بابر اعظم، شاهين شاهه آفريدي، محمد حارث، حسن علي، عماد وسيم، محمد عامر ۽ ٻيا ڪرڪيٽر اسنوڪر کيڏي رهيا آهن جڏهن ته ڀوڳ ٺڪاءُ به ڪري رهيا آهن.

پوسٽ جي ڪيپشن ۾ افتخار احمد لکيو ته ڪاڪول ڪيمپ ۾ گڏجي پنهنجو وقت ڀرپور نموني گذاري رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.

ياد رهي ته شاهين شاهه آفريدي کي اڄ صبح ٽي 20 فارميٽ جي ڪپتاني تان هٽايو ويو ۽ بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر وائيٽ بال فارميٽ جي ڪپتاني ڏني وئي آهي، جڏهن ته شان مسعود ٽيسٽ ڪپتاني جا فرض سرانجام ڏيندو.

ڪاڪول ٽريننگ ڪيمپ دوران رانديگر فٽنيس کي بهتر بڻائڻ لاءِ مشقن ۽ فزيڪل ٽريننگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.