بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ملڻ تي شاهد آفريدي حيران

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جي فيصلي تي شاهد آفريدي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته مان سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل تجربي ڪار رانديگرن جي فيصلي تي حيران آهيان، جيڪڏهن تبديلي ضروري هئي ته قيادت لاءِ محمد رضوان بهترين چونڊ هو.
هن چيو هاڻ فيصلو ٿي چڪو آهي ته بابر اعظم لاءِ منهنجي حمايت ۽ نيڪ خواهشون آهن.
واضح رهي ته پي سي بي بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر وائيٽ بال فارميٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو آهي، ان کان اڳ شاهد آفريدي جو ناٺي شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.