براهموس ميزائل حادثو، ڀارتي فضائيا غلطي تسليم ڪري ورتي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا جي نااهلي ۽ غير پيشيوراڻو عمل سامهون اچي ويو، مارچ 2022 ۾ ڀارتي فضائيا جو براهموس ميزائل ڀارت مان فائر ٿي پاڪستان ۾ ڪِريو هو ۽ ڀارت اها غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.
ڀارتي اخبار اڪنامڪ ٽائمز موجب براهموس ميزائل جي ڪمبيٽ ڪنيڪٽرز جنڪشن باڪس سان جڙيل رهڻ سبب اهو حادثو ٿيو هو.
براهموس ميزائل فائر ٿي پاڪستان ۾ ڪرڻ تي ڀارتي حڪومت ڪو به اطمينان جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهي هئي ۽ مختلف بهانن سان نااهلي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
نااهلي لڪائڻ لاءِ ڀارتي فضائيا جي آفيسرن وچ ۾ به الزام تراشي جو سلسلو جاري رهيو، هاڻ ڀارتي فضائيا براهموس جي حوالي سان دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
جواب ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته براهموس ميزائل جي ڪمبيٽ ڪنيڪٽرز جنڪشن باڪس سان جڙيل رهڻ سبب اهو حادثو ٿيو هو.
ونگ ڪمانڊر اڀينو شرما، ايئر ڪموڊور اسڪواڊرن ليڊر تي احتياطي اپائن کي نظرانداز ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، لکت جواب ۾ سڄو ڏوهه جنگي عملي جو ڄاڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.