ايف ايف پي پاران گلشن اقبال ۾ افطار دسترخوان جو انتظام

ڪراچي (پ ر) ايف ايف پي (فائونڊيشن فائيٽنگ پاورٽي) پاران گذريل ڏينهن نيپا چورنگي ۾ افطار جو انتظام ڪيو ويو، اهو سلسلو گذريل 11 سالن کان گلشن اقبال ڪراچي ۾ هلندو پيو وڃي، جنهن ۾ روز 500 ماڻهن کي افطاري ڪرائي ويندي.

ان کانسواءِ روز 300 افطار باڪسز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا آهن.

اهڙي ريت مختلف ادارن مدرن، يتين خانن، اولڊ ايج هومز ۾ به افطاري جو انتظام ڪيو ويندو آهي.

23 مارچ جي ڏهاڙي ملڪي سطح تي 15 کان وڌيڪ شهرن ۾ ايف ايف پي طرفان افطار جو انتظام ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.