ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي پورٽ قاسم ۾ ٻه ڄڻا گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويا.
پوليس موجب پورٽ قاسم ۾ 3 ڄڻا گٽر ۾ ڪري پيا، هڪ کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته ٻنهي فوتين جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته هڪ کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو.