شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جو پوليس موبائل تي راڪيٽ حملو، 5 اهلڪار زخمي

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڌاڙيلن پوليس موبائل تي راڪيٽ سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ڌاڙيلن شڪارپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي گشت ڪندڙ پوليس موبائل کي راڪيٽ سان نشانو بڻايو، حملي ۾ 5 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ مبينا پوليس مقابلن کانپوءِ ڌاڙيلن وٽ قيد چئن مغوين کي به آزاد ڪرايو ويو آهي.
ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ امن امان جي صورتحال تي 6 اپريل تي جسٽس ڪميٽي سنڌ جي ميٽنگ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.