ڍاڪا ۾ کدڙن فقيرن جي پهرين مسجد قائم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي تخت گاهه ڍاڪا ۾ کدڙن فقيرن جي پهرين مسجد تعمير ڪئي وئي آهي.
هڪ ڪمري جي ان مسجد لاءِ زمين حڪومت فراهم ڪئي، کدڙن فقيرن جو چوڻ آهي ته هاڻ کين ڪير نماز کان نه روڪي سگهندو، ڇو ته اهي هتي ڪنهن امتياز ۽ فرق جو نشانو بڻجڻ بنا نماز ادا ڪري سگهندا.
وقت سان گڏ بنگلاديش ۾ کدڙن فقيرن جي حقن ۽ انهن جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪيو پيو وڃي، 2013 ۾ سرڪاري طور ان ڪميونٽي سان واسطو رکندڙن کي پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي صنف جي اعتبار سان ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.
کدڙا فقير سياست ۾ به حصو وٺي رهيا آهن ۽ 2021 ۾ هڪ کدڙو فقير ميئر به چونڊجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.