واٽس ايپ اسٽيٽس لڳائيندڙن لاءِ نئين سهولت، وڏو مسئلو حل ٿي ويو

اسٽوريز هاڻ هر سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپ جو لازمي حصو آهن، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي روز مرهه جا مختلف لمحا ٻين ماڻهن سان شيئر ڪندا آهن.
اهي اسٽوريز 24 ڪلاڪن کانپوءِ پاڻمرادو هٽي وينديون آهن.
واٽس ايپ ۾ اسٽوريز اسٽيٽس جي نالي سان موجود آهي، جيڪڏهن توهان واٽس ايپ اسٽيٽس استعمال ڪندا آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته ڪمپني طرفان ان کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ طرفان اسٽيٽس فيچر ۾ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي، جيڪا واهپيدارن کي ضرور پسند ايندي.
واٽس ايپ ۾ هن وقت 30 سيڪنڊن جي دورانيي جي وڊيو پوسٽ ٿيندي آهي پر تبديلي کانپوءِ واهپيدار هڪ منٽ جي وڊيو به پوسٽ ڪري سگهندا.
اهو فيچر اينڊرائيڊ ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن وقت واهپيدارن کي واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ وڊيو ايڊٽ ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن 30 سيڪنڊن جو خيال رکي سگهجي پر هڪ منٽ جي وڊيو سان واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ٿي ويندو.
اهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سڀني واهپيدارن لاءِ اهو ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.