عامر ۽ عماد سينيئر آهن، سندن احترام ڪجان: بابر اعظم کي پيءُ جو مشورو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻيهر ڪپتاني ملڻ کانپوءِ بابر اعظم جي پيءَ پٽ کي ڪجهه مشورا ڏنا آهن.
انسٽاگرام تي بيان جاري ڪندي اعظم صديق چيو ته پٽ کي پاڪستان جي ٻيهر ڪپتاني ملي، ان تي شڪر ادا ڪيون ٿا، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته جن وٽ اختيار هو، انهن عزت ڏني.
هن چيو هاڻ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٽيم ۾ اتفاق هوندو يا نه، بابر کي صلاح آهي ته ڪنهن جيڪو به چيو آهي ته ان کي وساري ڇڏيو، محمد عامر ۽ عماد وسيم توهان کان وڏا ۽ سينيئر به آهن، انهن جي عزت ۽ احترام ڪجو.
اعظم صديق موجب مان پٽ کي چيو آهي ته عماد ۽ عامر جي راءِ جو احترام ڪجو، 11 ڀائرن کي دنيا فتح ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.