ملتان ۾ بنگال شينهڻ منتقلي دوران ڀڃرو ٽوڙي ڀڄي وئي

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي علائقي الپه ۾ بنگال شينهڻ منتقلي دوران ڀڃرو ٽوڙي ڀڄي وئي.
وائلڊ لائف کاتي جي اختيارين موجب شينهڻ کي غير قانوني طور لاهور کان ملتان منتقل ڪيو پئي ويو ۽ الپه جي علائقي ۾ شينهڻ پڃرو ٽوڙي ڀڄي وئي.
شينهڻ ملتان جي وقاص نالي شخص لاهور جي فيض نالي شهري کان خريد ڪئي ۽ غير قانوني طور ملتان منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وائلڊ لائف کاتي جي ترجمان موجب اختيارين شينهڻ کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ريسڪيو دوران ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا.
ترجمان وڌيڪ چيو ته شينهڻ جي عمر 2 سال ۽ ان جي ماليت 50 لک رپيا آهي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر وائلڊ لائف شيخ زاهد موجب شينهڻ جي مالڪ پنهنجو لائسنس وائلڊ لائف کاتي کي پيش ڪيو آهي، قانون موجب شينهڻ جي مالڪ کي محڪماڻو معاوضو ادا ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ شينهڻ مالڪ حوالي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.