آمريڪي ٽيلي ڪام ڪمپني جي 7 ڪروڙ کان وڌيڪ واهپيدارن جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ

آمريڪي ٽيلي ڪام ڪمپني اي ٽي اينڊ ٽي جي 7 ڪروڙ کان وڌيڪ واهپيدارن جي ڊيٽا انٽرنيٽ تي ليڪ ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ليڪ ٿيندڙ ڄاڻ ۾ واهپيدارن جو سوشل سيڪيورٽي نمبر، پاس ڪوڊز، فون نمبر ۽ ايڊريس شامل آهي.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تازو ڊارڪ ويب تي سامهون ايندڙ هڪ ڊيٽا سيٽ ۾ اي ٽي اينڊ ٽي جي 76 لک موجوده واهپيدارن ۽ 6 ڪروڙ 54 لک پراڻي واهپيدارن جي ڄاڻ شامل آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هيل تائين جي ڄاڻ موجب چوري ٿيل ڊيٽا 2019 يا ان کان اڳ جي آهي ۽ ان ۾ واهپيدارن جي مالي ڄاڻ ۽ ڪالز جا تفصيل شامل ناهن.
آمريڪي ڪمپني موجب هيل تائين ڊيٽا چوري ٿيڻ جون ڪي شاهديون سامهون ناهن آيون، سائبر سيڪيورٽي جي ماهرن کي معاملي جي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
ڪمپني جي ترجمان اپيل ڪئي آهي ته واهپيدار پنهنجي اڪائونٽ جي سرگرمين جي سخت نگراني ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.