مڙس ماري ڏيو، 50 هزار ڏينديس: عورت واٽس ايپ تي اسٽيٽس لڳائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گهريلو اڻبڻت تي زال مڙس کي قتل ڪرائڻ لاءِ واٽس ايپ تي اسٽيٽس لڳائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي آگرا جي تعلقي باه ۾ گهريلو اڻبڻت تي زال انتهائي قدم کڻي ورتو.
هن سوشل ميڊيا ايپ واٽس ايپ تي اسٽيٽس لڳايو ته مڙس کي قتل ڪندڙ کي 50 هزار ڀارتي رپيا ڏنا ويندا.
مڙس گهرواري جو اسٽيٽس ڏسندي ئي پوليس اسٽيشن پهچي ويو ۽ ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، هن ڪيس ۾ زال جي هڪ دوست کي به نامزد ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي جي شادي ٻه سال اڳ ٿي هئي ۽ ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي ۾ اختلاف شروع ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.