ٽريننگ ڪئمپ، جتي رانديگرن کي ڪرڪيٽ بدران فوجي مشقون سيکاريون وينديون !

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب هڪ پروگرام ۾ ڪاڪول ۾ فوجي ڪئمپ بابت پنهنجي ماضيءَ جو تجربو شيئر ڪندي چيو هو ته ” هنن پهرئين ڏينهن اسان کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي ڇڏيو، ٻن هفتن کانپوءِ اهڙي فٽنس ٿي وئي هئي جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.
واضح رهي ته 2016ع ۾ انگلينڊ جي دوري کان اڳ آرمي اسڪول آف فيزيڪل ٽريننگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي بوٽ ڪئمپ ۾ شعيب ملڪ سميت اڳوڻي ڪپتاني ڪپتان مصباح الحق به حصو ورتو هو.
2016ع ۾ ڪئمپ کانپوءِ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ٺاهڻ جي خوشي ۾ مصباح الحق ڏهه پُش اپس هڻي پنهنجي فوجي ٽرينرز کي ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
هڪ ڀيرو وري 29 پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪاڪول ۾ فٽنس ڪئمپ ۾ شامل آهن جيڪا 26 مارچ کان اٺ اپريل تائين جاري رهندي ۽ ان دوران رانديگر ڪرڪيٽ بدران مختلف مشقون ڪندي نظر ايندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪئمپ جو مقصد ٽيم بلڊنگ تي هوندو ڪئمپ ۾ رانديگرن جي ذهني ۽ جسماني طاقت تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته هو ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين حالت ۾ آهن.
پي سي بي جي يوٽيوب چئنل تي هن ڀيري فٽنس ڪئمپ جي پهرئين ڏينهن جون جهلڪيون هڪ وي لاگ جي صورت ۾ ڏيکاريون ويون جنهن ۾ رانديگرن مختلف قسم جون ورزشون ڪندي نظر آيا.
پي سي بي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ رانديگرن کي ڊوڙندي ۽ جِم ۾ وزن کڻندي ڏٺو ويو .
وڊيوز ۾ رانديگر ڊوڙندي جسم جي اسٽريچنگ ڪندي ۽ پلينڪ ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.
ورزشن دوران وي لاگ ميزبان رانديگرن کان مختلف سوال ڪيا ۽ ان دوران ڪرڪيٽر وڏا وڏا ساهه کڻي رهيا هئا ۽ کين جواب ڏيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي رهي هئي.
ميزبان شاداب خان کان پلينڪ دوران سوال ڪيو ته ” مزو اچي رهيو آهي؟ “ جنهن جي جواب هن چيو ته ” صفا نه“
ان کانپوءِ پوءِ ڪئمرا جو رخ ڪرڪيٽر حسن علي ڏانهن ڪندي ميزبان چيو ته هن کي اسان سدائين ڀوڳ مذاق ڪندي ڏٺو آهي جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ مستي مذاق بند آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدار سوال اُٿاري رهيا آهن ته ڇا پي ايس ايل ۾ ڪارڪردگي ۽ ڪاڪول ڪئمپ مان ئي هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سليڪشن جو فيصلو ڪيو ويندو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سليڪشن ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر ڪامران اڪمل پنهنجي وي لاگ ۾ ڪاڪول ۾ جاري فٽنس ڪئمپ جو حوالو ڏيندي ڪئمپ ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي چونڊ واري عمل تي تنقيد ڪئي آهي.
ڪامران اڪمل چيو ته بورڊ اختيارين سختيءَ سان چيو هوته پي ايس ايل ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ئي ڪئمپ ۾ شامل ڪيو ويندو.
هن چيو ته سليڪشن جو به هڪ پروسيس هوندو آهي، اوهان رڳو ورلڊ ڪپ ۽ پي ايس ايل ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم چونڊيندئو ته اِها سٺي شئي ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم جو اڳوڻو ڊائريڪٽر محمد حفيظ ڪجهه رانديگرن جي فٽنس تي تنقيد ڪئي هئي.
اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد به پنهنجي وي لاگ ۾ راءِ ڏني ته فوجي ڪئمپ لاءِ رانديگرن جي سليڪشن غلط آهي، علائقائي ڪرڪيٽ ۾ حصو نه وٺندڙ رانديگر پي ايس ايل کيڏندي نظر ايندا آهن.
هن چيو ته عالمي ڪرڪيٽ گهٽي يا پاڙي ۾ کيڏي ويندڙ راند ناهي ان لاءِ فٽنس ضروري آهي.
تنوير احمد موجب، ڪجهه رانديگرن بنا فٽنس اسڪيل جي بنياد تي ٽيم ۾ شامل ٿي ويندا پر سروائيو ناهن ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.