ساحر علي بگا، راحت فتح علي کي وحشي صفت ۽ منافق چئي ڇڏيو

مقبول ڪمپوزر ۽ گلوڪار ساحر علي بگا جڳ مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان کي منافق ۽ وحشي صفت چئي ڇڏيو.
ساحر علي بگا پاڪستان جو بهترين سنگر ۽ ڪمپوزر آهي، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان انڊسٽري تي راڄ ڪري رهيو آهي، هو پاڪستان ڊرامن ۾ ڪيترائي سپر هٽ ٽائيٽل سونگ ڏئي چڪو آهي.
هن جڳ مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان لاءِ به ڪيترائي هٽ گانا ڪمپوز ڪيا آهن ۽ گهڻي عرصي کان ان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي پر تازي پوسٽ ۾ سندس طرفان گلوڪار لاءِ استعمال ڪيل ٻولي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ ائين به محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻنهي ۾ لاڳاپا سازگار ناهن رهيا.
تازو ساحر علي بگا راحت فتح علي خان بابت سخت لفظ استعمال ڪيا، جيڪي ٻنهي ۾ خراب لاڳاپن جو اشارو ڏئي رهيا آهن.
ساحر علي بگا هڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ”راحت فتح علي خان وحشي صفت هجڻ سان گڏ منافق به آهي“.
توڙي جو ساحر علي بگا اها اسٽوري فوري طور ڊليٽ ڪري ڇڏي پر ان جا اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا ۽ مداح ان بيان تي سخت حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.