ارچنا پورن سنگهه جو ڪپل شو ۾ ڪوڙو کلڻ جو اعتراف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور سينيئر اداڪارا ارچنا پورن سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ مشهور ٽي وي شو ”ڪپل شرما شو“ ۾ ڪوڙي کل کلندي آهي.

ياد رهي ته بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار ڪپل شرما نيٽ فلڪس تي پنهنجي نئين شو ”دي گريٽ انڊيل ڪپل شو“ ذريعي مداحن کي ٻيهر کلائڻ لاءِ ڀرپور تياري سان واپس اچي رهيو آهي. ان شو ۾ ڪپل شرما سميت ارچنا پورن سنگهه، ڪيڪو شردا، سنيل گروور ۽ ڪرشنا اڀيشيڪ کي واپس ڏسي سگهجي ٿو.

اداڪارا ارچنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اڪثر ناڪارا ڀوڳن تي به ڪوڙي کل کلندي ڏسي سگهجي پيو جنهن تي کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

هن چيو ته ايئن به ناهي ته شو جو هر ڀوڳ اعليٰ ۽ کلڻ جوڳو هجي پر سندس ذميواري هئي ته جنهن ڀوڳ تي ماڻهو نه کلن ان تي لازمي کلڻو آهي. هن چيو ته هاڻي نيٽفلڪس تي ايئن نه ٿيندو جيڪو ڀوڳ مزاحيا لڳندو ان تي کيس کلندي ڏٺو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.