هاري ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) هاري ڪارڊ تي ن ليگ قائد نواز شريف جي تصوير کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، شهري هاري ڪارڊ سان اڳوڻي وزيراعظم جي تصوير هٽائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
شهري مشڪور حسين ايڊووڪيٽ نديم سرور معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعليٰ پنجاب طرفان نواز شريف هاري ڪارڊ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪارڊ ذريعي قومي ناڻي سان نواز شريف جي ذاتي مشهوري ڪئي پئي وڃي، قومي ناڻي کي ڪنهن به صورت ۾ ذاتي مشهوري لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، عدالت اهڙي عمل کان روڪي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاري ڪارڊ ذريعي نواز شريف جي مشهوري تي خرچ ٿيندڙ پئسو به نواز شريف کان ئي ريڪور ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.