پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ موجود سموريون رنڊڪون ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مقامي بينڪن ۽ ترقياتي مالياتي ادارن پي آءِ اي جي واپاري قرضن جي حوالي سان ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتيون آهن، اهڙي ريت پي آءِ اي جي نجڪاري جي دڳ ۾ رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن.
انتظامن تحت پي آءِ اي سي ايل جو ڪمرشل مقامي قرض پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽڊ کي منتقل ڪيو ويندو جنهن کي وفاقي حڪومت نئين سر تنظيم لاءِ قائم ڪيو آهي.
پي آءِ اي سي ايل طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان اڳڀرائي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان سان پي آءِ اي سي ايل جي قانوني طور تي عليحدگي لاءِ اسڪيم آف ارينجمينٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جا دڳ کولي ڇڏيا.
وفاقي ڪابينا هلندڙ سال 6 فيبروري تي منصوبي جي منظوري ڏني هئي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.