نادرا وٽان ليڪ ڊيٽا ڪيئن استعمال ٿي سگهي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گهرو وزارت پاران شهرين جي ڊيٽا منظم انداز ۾ ليڪ ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي اعليٰ ادارن جي آفيسرن جي سميت 27 لک پاڪستاني شهرين جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ڳڻتي جي صورتحال آهي.

جيڪڏهن ليڪ ٿيل ڊيٽا ۾ بائيو ميٽرڪ جي ڊيٽا به شامل هوندي ته ان جا نتيجا ڳنڀير نڪري سگهن ٿا.

2019 کان 2023 دوران 27 لک پاڪستاني شهرين جي اها ڊيٽا ليڪ ٿي آهي جيڪا نادرا وٽ هوندي آهي، اها ڊيٽا ڪراچي، ملتان ۽ پشاور جي سينٽر مان ليڪ ڪئي وئي آهي.

ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي شڪايتن تي جاچ ڪندڙ جاچ ٽيم هلندڙ هفتي پنهنجي رپورٽ گهرو وزارت وٽ جمع ڪرائيندي نادرا جي آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي.

پاڪستان ۾ ان کان اڳ اپريل 2020 ۾ انفارميشن سيڪيورٽي ڪمپني پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙ ساڍا 11 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي وڪرو ٿي آهي ۽ ان ۾ مبينا طور تي ٽيلي ڪام ڪمپنين جا ملازم ملوث آهن.

نومبر 2021 ۾ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ انڪشاف ڪيو ته نادرا جي ڊيٽا وڏي پئماني تي ليڪ ٿي آهي.

ان وقت نادرا ۽ ايف آءِ اي جي عملدارن ان امڪان کي رد ڪيو هو.

ان کانپوءِ انڪشاف ٿيو ته هو ته ڊيٽا ليڪ ٿي آهي جنهن کانپوءِ جاچ ڪاميٽي ڊيٽا تائين غيرقانوني رسائي جي الزام ۾ نادرا جي 6 آفيسرن کي برطرف ڪيو ۽ ڪجهه آفيسرن کان استعيفائون طلب ڪيون ويون هيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي ڊيٽا مان ڪي به غيرقانوني ڪم ڪري سگهجن ٿا، مثال طور سم ڪڍرائي سگهجي ٿي، ملڪيت تبديل ڪرائي سگهجي ٿي ۽ ٻيا به غيرقانوني ڪم ڪري سگهجن ٿا.

هن وقت لکين شهرين جي ڊيٽا داءَ تي لڳل آهي جنهن ۾ هاڻي ڪابه تبديلي نٿي ڪري سگهجي. سائبر ڪرمنلز شهرين جي ڊيٽا ذريعي کين بليڪ ميل ڪري سگهن ٿا، سندن ڪوڙا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ٺاهي سگهن ٿا.

ماليات فراڊ ڪري سگهن ٿا.

خيال رهي ته جيڪڏهن اليڪشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ٿئي ٿي ته بائيو ميٽرڪ رڪارڊ چوري ٿيڻ جي صورت ۾ هيڪرز من پسند اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊيٽا ليڪ جي حوالي سان سائبر سيڪيورٽي بابت قانونن جي تياري، سيڪيورٽي پروٽوڪولز، فائر والز لڳائڻ ۽ ان بابت شعور اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.