وڏي وزير ناڻي واري وفاقي وزير آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي جنهن دوران وڏي وزير وفاقي حڪومت بابت شڪايتون ڪيون.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي نوان پراجيڪٽ ڏنا پر سنڌ کي نظرانداز ڪيو، وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ جيڪي فنڊز رکيا هئا اهي اڃا تائين جاري ناهن ٿيا.
هن چيو ته گذريل 8 سالن کان سنڌ کي پي ايس ڊي پي ۾ ڪو نئون پراجيڪٽ ناهي مليو، 2015 ۾ ايف بي آر گاڏين جي رجسٽريشن جي مد ۾ 6 بلين رپين جي ڪٽوتي ڪئي، هاڻي وفاقي حڪومت حيسڪو ۽ سيپڪو جي مد ۾ 13 بلين رپيا ڪاٽي ورتا.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران وڏي وزير کي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.
ملاقات دوران وڏي وزير ۽ وفاقي وزير وچ ۾ اسمال ميڊيم انٽرپرائزز کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ايف بي آر جي نئين سر تنظيم ۽ ڊجيٽلائزيشن تي به ڳالهيون ٿيون.
ملاقات ۾ صنعتي گيس جي اگهن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وڏي وزير چيو ته صنعتڪار گيس جي وڌندڙ اگهن جي حوالي سان پريشان آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هو پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ان بابت ڳالهائيندو.
ملاقات دوران زراعت جي ترقي، فصلن جي پيداوار وڌائڻ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.