سفارشي ناهيان، بابر جي جاءِ ڪنهن کي ته سنڀالڻي هئي:شان مسعود

پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته ڪيريئر دوران سفارشي هجڻ جي مهڻن سدائين پريشان ڪيو، خبر ناهي ماڻهو ڪٿان اهڙيون ڳالهيون کڻي ايندا آهن، جڏهن ته فيملي جو سليڪشن سان ڪو واسطو ناهي.
برطانوي رسالي کي انٽرويو ڏيندي شان مسعود چيو ته گذريل ڏهه سالا ڪرڪيٽر ڪيريئر دوران ڇهه سال ڊاپ رهيس، هر واري علائقائي ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن جي بنياد تي پاڪستان ٽيم ۾ واپسي ڪئي.
هن چيو ته ڪڏهن به ڪنهن غير منصفاڻي عمل جي حمايت ناهي ڪئي، قوم طور اسان گهڻو جذباتي آهيون، جيڪڏهن ڪنهن پليئر جو ڪنهن سان واسطو آهي ته ماڻهو اِها ڳالهه قبول نه ڪندا ته پليئر محنت سان اڳتي آيو آهي.
سندس چوڻ هوته ماڻهو ٻڌي سڌي تي وڌيڪ يقين ڪندا آهن، اوهان سوشل ميڊيا تي ڪجهه به لکي ڇڏيو، ماڻهو سچ سمجهڻ لڳندا، هتي اسپورٽس ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.
هن ٻڌايو ته ڀيڻ جي ورسي واري ڏينهن پاڪستان ٽيم انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ناڪام ٿي وئي هئي، ان ڏينهن ڀيڻ جي ياد ۾ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن جي جواب ۾ مون کي گاريون ڏنيون ويون.
شان مسعود چيوته جڏهن ڪپتان بڻيس تڏهن به ڀيڻ سان منهنجي هڪ پوسٽ تي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو، ڀيڻ جي وفات جو ڏک ڏاڍو گهرو هو، سخت حالتن سيکاريو ته ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ ڪيترو ضروري آهي.
هن چيو ته 2016ع ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سان سندس ذاتي ڪيريئر ۾ وڏي تبديلي آئي هئي، لائيف اسٽائيل عام ماڻهن جهڙو ئي آهي.
سندس چوڻ هوته هر ڪو بابر اعظم جو مداح آهي مان به آهيان، بابر اعظم جي خدمتون پاڪستان لاءِ وڏو اثاثو آهي پر بابر جيڪو عهدو ڇڏيو هو اِهو ڪنهن کي ته ملڻو هو.
هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هاڻي فليٽ وڪيٽون ناهن هونديون، ميچ چئن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن اوهان مخالف ٽيم تي دٻاءُ وجهندا آهيو ۽ ٿورو مختلف کيڏندا آهيو ته بهتر نتيجا ملندا آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بين اسٽوڪس جي قيادت ۾ انگلش ٽيم جي کيڏڻ جي انداز کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.