هوائي فائرنگ ڪندڙ ڊي آءِ جي اظفر مهيسر جي پٽ جون وڊيوز وائرل

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ڊي آءِ جي اوڀر غلام اظفر مهيسر جي پٽ هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ جون وڊيوز منظر عام تي اچي ويون  آهن. جنهن ۾ ڊي آءِ جي جي پٽ عاشر مهيسر کي گاڏي مان فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيوز ۾ نوجوان سان پوليس پروٽوڪول ۽ منشيات جو استعمال به نظر اچي ٿو. تصويرن ۽ وڊيوز ۾ نوجوان کي ڊي آءِ جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر جي تصويرن سان گڏ ڏٺو ويو.

 

هوڏانهن پٽ جي وڊيوز بابت پڇا ڪرڻ تي غلام اظفر مهيسر چيو ته انهن وڊيوز کي ڪنهن ايڊٽ ڪري ٺاهيو آهي. منهنجي پٽ خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سان رابطو ڪري فٽيج جي جاچ ڪرائي ويندي. ٻئي طرف سنڌ جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي اظفر مهيسر جي پٽ وڊيوز جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هٿيار سرڪاري آهن يا نه، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪنهن کي به اهڙي طرح خوف پکيڙڻ جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.