هي ڪم ڪرڻ سان دماغ تيز ٿي ويندو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ مطالعي ۾ خبر پئي آهي ته ذهني دٻاءُ ۽ دماغي صلاحيت وچ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي ۽ ان کي گهٽ ڪري اسان پنهنجي دماغ کي توانو ۽ تيز ڪري سگهون ٿا.

جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اوپن نيٽ ورڪ جي رپورٽ موجب جيئن اسان جو اسٽريس وڌندو آهي تيئن ساڳي يادداشت، فيصلي جي قوت ۽ دماغي افعال متاثر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، ان کان اڳ ماهرن سائنسي تحقيق کانپوءِ خبردار ڪيو هو ته اسٽريس سڄي جسم کي متاثر ڪري ٿو، هاڻي ايموري يونيورسٽي اسڪول آف ميڊين جي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته زندگي مان دٻاءُ بلڪل ختم ڪرڻ ممڪن ناهي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن ريت ان کي گهٽائي سگهون ٿا، هنن صلاح ڏني آهي ته ماڻهو پنهنجو خيال رکن ۽ مائنڊ فلنيس سان دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، اهڙي ريت نه رڳو دماغ توانو رهي سگهي ٿو پر ان جون صلاحيتون به متاثر نٿيون ٿين.

ماهرن موجب جيڪڏهن ذهني دٻاءُ جاري رهي ته نقصان ٿيندو آهي هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته عورتن ۾ ان جي شرح وڌڪ هوندي آهي، ٻئي پاسي جن پنهنجي دٻاءَ تي ضابطو آندو هو انهن جي دماغي صحت بهتر هئي، ننڊ به پورا ڪري رهيا هئا ۽ بيمارين کان به بچيل هئا

ان لاءِ ضروري آهي ته مائنڊ فلنيس جي پريڪٽس ڪجي ۽ وقت تي صحتمند غذا جو استعمال ۽ ننڊ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.