عجيب مخلوق جا پير ڏسي ماڻهو وائڙا ٿي ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي هڪ سياحتي ماڳ تي عجيب مخلوق جي پيرن جا نشان ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي شهر واٽ ڪامبي ۾ سير لاءِ نڪتل ماڻهن جا ڪجهه گروپ عجيب مخلوق جي پيرن جا نشان ڏسي حيران ٿي ويا.

سياحن جي ٽولي کي اهڙا نشان مليا جن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي ڪنهن وڏي پير جا نشان آهن.

گروپ جو چوڻ آهي ته پيرن جا وڌيڪ وڏا نشان ويجهي ٻيلن ۾ مليا آهن.

گروپ انڪشاف ڪيو ته هر پير جو نشان سمنڊ جي رستي تي 20 ميٽرن تائين هلندي ڏٺو ويو ۽ پوءِ واپس علائقي ۾ غائب ٿي ويو.

هڪ شخص چيو پيرن جا نشان وڏا هئا، منهنجو پير 11 انچ هو ۽ پيرن جا نشان لڳ ڀڳ ٻيڻ تي وڏا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.