سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ شهرين لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) عوام جي سهولت لاءِ ارجنٽ درخواست تي سڃاڻپ ڪارڊ ڊليوري جو مدو 23 ڏينهن مان گهٽ ڪري رڳو 15 ڏينهن ڪري ڇڏيو.
نادرا عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر سهولت فراهم ڪري ڇڏي، نادرا سوشل ميڊيا سائيٽ تي پيغام ۾ چيو ته ارجنٽ سڃاڻپ ڪارڊ جي درخواست تي ڊليوري جو مدو بنا ڪنهن واڌو فيس جي 23 ڏينهن مان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو ويو.
نادرا جو چوڻ آهي ته شهري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ارجنٽ درخواست جمع ڪرائين ۽ رڳو ڏينهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.