پاڪستاني معيشت جي حوالي سان سٺي خبر

عالمي رسالي بلوم برگ موجب فنانشل ٽائمز اسٽاڪ ايڪسچينج (ايف ٽي ايس اي) گروپ پاڪستاني ايڪويٽي جو ايمرجنگ مارڪيٽ جو درجو وڌيڪ 6 مهينن لاءِ برقرار رکيو آهي.
بلوم برگ جو چوڻ آهي ته فنانشل ٽائمز اسٽاڪ ايڪسچينج جي فيصلي سان پاڪستاني شيئرز مارڪيٽ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ٻيهر وڌي سگهي ٿي.
بلوم برگ موجب پاڪستان کي ڏيوالي جو خطرو هو، پرڏيهي فنڊنگ جي سخت ضرورت هئي پر فنانشل ٽائمز اسٽاڪ ايڪسچينج جي فيصلي سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.
بلوم برگ جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 2017 ۾ 100 بلين ڊالرن مان گهٽ ٿي 21 بلين ڊالر رهجي وئي پر پاڪستان گهٽ کان گهٽ سيڙپڪاري جي قابل مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن جي حد پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
عالمي رسالي موجب نئين پاڪستاني حڪومت جي سربراهي ريفارمز دوست وزيراعظم جي هٿ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.