آءِ بي اي پاران موسمياتي تبديلي تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين لاءِ ايوارڊز تقريب

ڪراچي (پ ر) آءِ بي اي ڪراچي جي سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم ۾ ڪلائميٽ چينج رپورٽنگ جي تقريب دوران چئن اهڙن صحافين کي ايوارڊ ڏنا ويا جن موسمياتي تبديلي بابت رپورٽنگ ڪئي هئي.

اهي ايوارڊ جرمني جي اقتصاديات واري وزارت ۽ Deutsche Gesellschaft Fur Internationale Zusammenarbeit (GIZ) Gmbh جي گڏيل سهڪار سان ڏنا ويا.

موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪندڙ صحافين کي پهريون ڀيرو ايوارڊ ڏنا ويا، ان کان اڳ خيبرپختونخوا ۽ اتر پنجاب ۾ 24 صحافين پنجن ڏينهن واري بوٽ ڪيمپس ۾ شرڪت ڪئي هئي.

جرمني جي قونصل جنرل ڊاڪٽر ريڊيگر لوٽز سڀني جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته هو صحافين کي اعزاز ڏيڻ سان گڏوگڏ کين مبارڪون ڏين ٿا ۽ موسمياتي تبديلي تي ڪم جاري رکڻ لاءِ سندن حوصلا افزائي ڪن ٿا.

ٻنهي صوبن جي ٻن ٻن صحافين کي ايوارڊ ڏنا ويا جن سوات ۽ رحيم يار خان بوٽ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي هئي.

ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ رحيم يار خان مان عرفان الحق ٻئي نمبر تي ماهجبين عابد، خيبرپختونخوا مان عارف احمد ۽ ٻئي نمبر تي لائبا حسن هئي.

ان موقعي تي رينا سعيد پاران لکيل ڪتاب پاڪستان: آن دي فرنٽ لائن آف ڪلائميٽ چينج جي مهورت پڻ ٿي.

ڊائريڪٽر سي اي جي ان موقعي تي اداري پاران صحافين جي ڪوششن جي ساراهه ۽ کين موقعا ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي گاربيج ڪين جي سي اي او احمد شبر ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.