پريتي پنهنجي هٿن سان پراٺا کارائيندي هئي، اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر جو انڪشاف

ممبئي ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي مشهور فرنچائز پنجاب ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ انگلش ڪرڪيٽر روي ڀوپارا دلچسپ قصو شيئر ڪيو آهي.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر روي ڀوپارا هڪ شو دوران انڪشاف ڪيو ته 2009ع جي ڳالهه آهي آءِ پي ايل جا شروعاتي ڏينهن هئا، پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا ٽورنامينٽ دوران کيس پنهنجي هٿن سان پٽاٽن جا پراٺا کارائيندي هئي.
هن چيو ته ڪنهن رانديگر سوچيو به نه هوندو ته پريتي زنٽا پنهنجي ٽيم جي پليئر لاءِ پٽاٽن جا پراٺا ٺاهي ايندي،
سندس چوڻ هوته اسان ڏکڻ آفريڪا ۾ هئاسين ۽ هوٽل جي عملي پاران سٺا پراٺا پيش نه ڪيا ويا هئا، جنهن تي پريتي زنٽا مون کان پڇيو ته نيرن ۾ ڇا کائيندين؟ جنهن تي مون چيو ته پٽاٽن وارا پراٺا، بالي ووڊ اسٽار چيو ته ڪو مسئلو ناهي سندس اِهو انداز انتهائي هاڪاري هو جيڪو مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.
ياد رهي ته آءِ پي ايل جو ٻيو ايڊيشن 2009ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڪنگز اليون پنجاب ( هاڻ پنجاب ڪنگز ) جي ٽيم پوائنٽ ٽيبل تي 14 پوائنٽن سان پنجين پوزيشن ماڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.